سردار خان چانڊيو

سردار خان چانڊيو

سردار خان چانڊيو

سردار خان چانڊيو: مشهور سياستدان ۽ چانڊيا قبيلي جو سردار، سردار خان ولد نواب شبير احمد چانڊيو 19 اپريل 1969ع تي غيبي ديري، ضلعي قنبر شهدادڪوٽ ۾ پيدا ٿيو. سندس خاندان چانڊيا قبيلي جو سردار آهي. نواب سردار خان بي. اي تائين تعليم حاصل ڪئي. هن 1996ع ۾ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي پليٽفارم تان سياست جي شروعات ڪئي ۽ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو ميمبر ٿيو. هيءُ 2001ع کان 2005ع تائين تعلقي قنبر جو پهريون ناظم رهيو. نواب سردار خان، جنوري 2004ع ۾ مسلم ليگ (ق) ۾ شامل ٿيو. 2005ع ۾ ٿيل بلدياتي اليڪشن ۾ ٻيهر چئن سالن لاءِ تعلقي ناظم چونڊيو ويو. هن پنهنجي والد جي ناچاڪيءَ سبب ڪيترائي انتظامي ۽ سياسي معاملا حل ڪيا. سردار خان 28 جون 2009ع تي پنهنجي والد جي وفات کان پوءِ چانڊيا قبيلي جي نوابيءَ ۽ سرداريءَ جي پڳ ٻڌي. نواب خان چانڊيو'>سردار خان چانڊيو، چانڊيا قبيلي سميت مختلف ذاتين جا راڄوڻي فيصلا ڪندو رهي ٿو. هيءُ ڪار ريسنگ ۽ شڪار جو وڏو شوقين آهي. شڪار جي شوق ۾ هن غيبي ديري جي جبلن ۾ شڪار گاهه ۽ ر هائشي گهر وغيره ٺهرايا آهن. نواب سردار خان 2013ع جي عام چونڊن ۾ پ.پ.پ جي ٽڪيٽ تان اليڪشن وڙهيو، جنهن ۾ ڪاميابي حاصل ڪيائين. هيءُ هن وقت صوبائي اسيمبليءَ جو ميمبر آهي. نواب سردار خان قنبر شهر ۾ ڪيترائي ترقياتي ڪم ڪرايا آهن. سندس رهائش غيبي ديري ۾ آهي.


لفظ سردار خان چانڊيوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1969.04.19  عيسوي

مشهور سياستدان ۽ چانڊيا قبيلي جو سردار، سردار خان ولد نواب شبير احمد چانڊيو 19 اپريل 1969ع تي غيبي ديري، ضلعي قنبر شهدادڪوٽ ۾ پيدا ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

خليفو محمد سجاول خان
بابو پليجو
احمد شاهه ذاڪري
عشرت حسين ڊاڪٽر
شهباز دراني
پرين پالاري
جَون ايليا
عابده سلطان شهزادي
اثير عبدالقادر شاهواڻي
دروڻاچاريه
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون